ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع ايٽمي تجربن تي پا??ندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف پي مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ روس طرفان جامع ايٽمي تجربن تي پا??ندي جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 1996ع جو اهو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ڌماڪن ??ي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو بل گذريل مهيني روس جي پا??ليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پا??لياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چ??لا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدم?? جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز روي?? جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ ان جي علامتي اهميت آهي. سندن حامي?? جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻه?? جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي توثيق کانسواءِ معاهدي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کانپوءِ روس جي پا??ليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهدي جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی