اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ بيانيو اهم شڪل اختيار ڪري ويو آهي، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي ??هلاءُ کانپوءِ انفارميشن جي شعبي جي اهميت ۾ اضافو ٿيو، بي عالمي جنگ کانپوءِ اخلاقي معيار تبديل ٿيا ۽ هڪ نئين وار في??ر جي شروعات ٿي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ 2021ع جي پڄاڻي واري سيشن کي خطا ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته تاريخ کي ڏٺو وڃي ته وائيڪنگز ۾ موريلٽي آف وار مختلف هئي، ان وقت جنگ جو اخلاقي معيار مختلف هو، نادر شاهه کي جڏهن خبر پئي ته ??ند??تان ۾ ڪافي دولت آهي، هن ??ند??تان تي حملو ڪيو، جڏهن هو واپس و??و ته ??ند??تان جي دولت به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. هن چ??و ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اخلاقيات جا معيار تبديل ٿيا، هڪ نئين وار في??ر جي شروعات ٿي، آمريڪا افغانستان تي ڪجهه ڪلاڪن ۾ قبضو ڪري ورتو هو، آمريڪي ايئر فورس افغانستان آئي ته طالبان جا ماڻهو ڀڄي ويا ۽ آمريڪا افغانستان تي قبضو ڪري ورتو پر جڏهن آمريڪا افغانستان مان واپس و??و ته اتي ڪو متبادل نظام نه ڏئي سگهيو. هن چ??و ته اخلاقي معيار تبديل ٿيڻ جي ??ري 1950ع کانپوءِ ڪو ملڪ طاقت جي زور تي ڪنهن ٻي قوم سان الحاق نه ڪري سگهيو، رڳو عراق ڪويت تي قبضو ڪيو پر پوءِ عراق کي به واپس وڃڻو پيو، اهڙي طرح ايسٽ انڊيا ڪمپني به ??ند??تان اچي ڦرلٽ ڪئي پر ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ان کي به وڃڻو پيو. هن چ??و ته قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي بنيادي اصول آئين س??ز اسيمبلي آڏو پيش ڪيا، علامه اقبال اتر اولهه ??ند??تان ۾ مسلم اڪثريتي علائقن ۾ هڪ سياسي يونٽ جوڙڻ تي زور ڏنو ڇو ته علامه اقبال ان وقت ??ند??تان ۾ مسلمانن جي اها خراب حالت ڏسي رهيو هو جيڪا هاڻي بي جي پي حڪومت جي اندر مسلمانن جي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته علامه اقبال پوليٽيڪل نيشن اسٽيٽ جي جيڪا تشريح بيان ڪئي ان تي قائداعظم 1940ع ۾ قرارداد پاڪستان بڻائي. چوڌري فواد حسين چ??و ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي قوم کي پنهنجي ??هاڻي نه ٻڌائي سگهياسين، ڍاڪا سانحي جي وقت اسان آپريشنل غلطيون ڪيون، اسان سمورن فارن ڪارسپانڊنٽس کي ڍاڪا مان ڪڍي ڇڏيو، اسان اميد ڪري رهيا هئاسين ته ??ند??تان ۾ ويهي غيرملڪي ڪارسپانڊنٽس اسان جي اسٽوري بيان ڪندا، ان وقت اسان ماڻهن کي اتي رکون ها جيڪي اسان جي ??هاڻي ٻڌائين ها، اسان وٽ اهي ماڻهو ئي نه رهيا. هن چ??و ته 69ع جي ??هاڪي تائين پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو فلم ميڪر ملڪ هو، پاڪستان ۾ سئنيما گهرن جو انگ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي هو، 2005ع ۾ اسان فلم انڊسٽري ۾ زيرو تي اچي وياسين، هڪ فلم نه ٺهي رهي هئي، هن س??ل به اسان هڪ يا ٻه فلمون ٺاهيون آهن، جڏهن اسان جي فلم انڊسٽري ۾ زوال هوندو، ٽي وي ڊراما ۽ ميوزڪ نه هوندو، ڪلچر نه هوندو ته اسان پنهنجي ??هاڻي ڪيئن ٻڌائينداسين. هن چ??و ته اسان پنهنجي هر ميڊيم کي نقصان پهچايو، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته جڏهن طالبان جي حڪومت ختم ٿي ته حامد ڪرزئي جي حڪومت آئي، افغانستان جي اندر ٽي وي چينل کلڻ شروع ٿيا، پاڪستان هڪ به ٽي وي چينل کي اسپانسر نه ڪيو، ان جي مقابلي ۾ اتي ٽي وي چينلز ڀارتي امداد سان هلي رهيا هئا. هن چ??و ته پاڪستان کي پنهنجو سافٽ پاور بڻائڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چ??و ته پاڪستان ۾ 143 چينلز، 50 جي لڳ ڀڳ غيرملڪي چينلز ۽ هزارين يو ٽيوب چينلز آهن، ايڏي وڏي ميڊيا جي موجودگي ۾ پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد نه آهي، مينار پاڪستان واقعي تي رڳو هڪ ڀارت ويب سائيت 600 وڊيوز ٺاهيون، نور مقدم ڪيس ۾ ڀارت جي ويب چينل هڪ ڏينهن ۾ 155 شارٽ ڪلپس هلايا، اهي ٻڌائڻ چاهيندا هئا ته پاڪستان ۾ ميڊيا ڪيتري انڊر پريشر آهي. هن چ??و ته ڀارت باقاعده منظم پروپئگنڊه جي طور تي ان کي بيانيي طور پيش ڪري ٿو، اها ماڊرن وار في??ر آهي، اڪانوميز کي اهڙي طرح سان متاثر ڪيو وڃي ٿو. هن چ??و ته جڏهن آئون 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيس ته ان کان اڳ آئون پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري اطلاعات هئس، پي ٽي آءِ جي ??يجيٽل ميڊيا جي ٽيم سرڪار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط هئي، بعد ۾ اسان ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جوڙي، اسان پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو پر اهي ننڍا ننڍا قدم آهن، اسان کي وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
دنيا ۾ بيانيو اهم شڪل اختيار ڪري ويو آهي، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ