اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سل??مت?? بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اجلاس ۾ تجويز ڪيل قومي سل??مت?? پاليسي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي قومي سل??مت?? واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي پاليسي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سل??مت?? جي پاليسي انساني، اقتصادي ۽ دفاعي سل??مت?? جي وچ ۾ تعلق کي نظر ۾ رکندي عوام جي خوشحالي ۽ تحفظ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن چيو ته اقتصادي سيڪيورٽي ان پاليسي ۾ بنيادي جز آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاليسي جو مقصد انساني ۽ دفاعي سل??مت?? ۾ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ آهي. قومي سل??مت?? واري صلاحڪار ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سل??مت?? پاليسي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڌرين سان مشاورت جو عمل قومي سل??مت?? ڊويزن جي قيام کانپوءِ سال 2014ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته 2018ع ۾ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جنهن اڳ ۾ ڪيل ڪم کي وڌيڪ اڳتي وڌايو. هن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته انهن ڪيترن ئي مسودن تي سمورن رياستي ادارن بشمول صوبائي حڪومت ۽ گلگ بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته پاليسي جي عمل کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ مشاورتي عمل ۾ سڄي پاڪستان مان 600 کان وڌيڪ تعليمي ماهرن، تجزيه ڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن سان پڻ مشاورت ۾ شامل ڪيو ويو. قومي سل??مت?? واري صلاحڪار ٻڌايو ته اقتدار جي منتقلي ۽ تيزي سان بدلجندڙ عالمي حالتن سان قومي سل??مت?? پاليسي جي ترجيحن کي هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ قومي سل??مت?? پاليسي جي دستاويز جو هر سال جائزو ورتو ويندو. پنهنجي بريفنگ جي پڄاڻي تي قومي سل??مت?? جي صلاحڪار چيو ته تجويز ڪيل قومي سل??مت?? پالي??ي مستقبل ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن جو خاڪو پيش ڪندي. هن چيو ته هي پاليسي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ رهنما اصول فراهم ڪندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي سل??مت?? جي پاليسي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اها پالي??ي موجوده حڪومت جي هڪ خوشحال ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ قومي پاليسين تي عوامي نمائندن سان مشاورت ضروري آهي. هن چيو تهپ الي??ي ملڪ کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو احاطو ڪندي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ رهنمائي فراهم ڪندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سل??مت?? پاليسي جي جوڙجڪ تي سيڪيورٽي ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي پالي??ي محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان طرف هڪ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندي. شرڪت ڪندڙن چيو ته هن وقت ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهريان چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهڙي ئي ٺوس سل??مت?? پاليسي ج?? ضرورت آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سينيٽ ۾ قائد ايوان، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن، قومي سل??مت??، دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو