اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) اڳوڻ?? چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) احسان الحق چيو آهي ته آمريڪا نائن اليون کانپوءِ پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جو مشورو مڃي ها ته افغانستان ۾ ڊگهي ۽ مهانگي جنگ کان بچي وڃي ها. هن اها ڳالهه عرب نيوز کي هڪ انٽرويو ۾ چئي. جنرل (ر) احسان الحق کي آمريڪا ۾ حمل?? جي ڪجهه ئي هفتن کانپوءِ آڪٽوبر 2001ع ۾ آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ هو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جي عهدي تي به رهيو. عرب نيوز جي رپورٽ مطابق نومبر 2001ع ۾ نيٽو فورسز جي افغانستان ۾ داخل ٿيڻ جي فوري بعد پ??ڪس??ان سعودي عرب جي معاونت سان سفارتي ڪوششون شروع ڪيون جن جو مقصد خطي کي عدم ۽ استحڪام کان بچائڻو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته جنرل (ر) احسان الحق ان سلسلي ۾ واشنگٽن جو دؤرو ڪيو ۽ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جي نالي صدر پرويز مشرف طرفان چئن صفحن تي ٻَڌل خط سندس حوالي ڪيو جنهن ۾ افغان مسئلي جي حل لاءِ ان طالبان اڳواڻن سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جيڪي القاعده خلاف ڪارروائيءَ ۾ تعاون لاءِ تيار هئا. جنرل (ر) احسان الحق چيو ته هي پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جو گڏيل قدم هو. هن ٻُڌايو ته مان شهزاده سعود الفيصل مرحوم سان سفر ڪيو ۽ اسان آمريڪي صدر ۽ پرڏيهي وزير، سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين آمريڪي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين مشورو ڏنو ته افغانستان ۾ مداخلت گڏيل قومن ذريعي هئڻ گهرجي. عرب نيوز هڪ آمريڪي صحافي اسٽيوڪول جي 2018ع جي ڪتاب ڊائريڪٽوريٽ ايس: سي آءِ اينڊ آمريڪن سيڪرٽ وارز ان افغانستان اينڊ پ??ڪس??ان جو حوالو ڏيند?? چيو ته برطانيه جي ان وقت جي وزيراعظم ٽوني بليئر مبينه ط??ر پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي ان تجويز جي حمايت ڪئي ۽ جنرل مشرف جا خدشا آمريڪي صدر تائين پهچائڻ تي آمادگي جو اظهار ڪيو. اسٽيوڪول 7 نومبر تي ٽوني بليئر واشنگٽن پهتو پر جڏهن ا?? جي فوري بعد جنرل (ر) احسان الحق ۽ سعودي شهزادو سعود اتي پهتا ته ٽوني بليئر خراب خبر ٻُڌائي. جيستائين بش انتظاميه جو تعلق هو ته ڳالهين ٻولهي?? جي ڪا اميد نه رهي. هي جنگ طالبا?? جي غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا انه?? جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهڻي هئي. پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته 20 سال اڳ ان موقعي کي ضايع ڪيو ويو جيڪڏهن آمريڪا پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جي تجويزن کي مڃي وٺي ها ته جنگ کان بچي سگهجي ها.
آمريڪا نائن اليون کانپوءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جو مشورو مڃي ها ته افغانستان ۾ ڊگهي ۽ مهانگي جنگ کان بچي وڃي ها: جنرل (ر) احسان الحق
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena