اسلام آباد – 16 فيبر??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان بحريه جي بهترين تر??يت?? فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق ??من 2021ع بحر هند ۾ ??من قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته ??من 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق ??من ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي ??من مشقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.
پاڪستان بحريه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان: صدر
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن