اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل ??نگ?? اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 208 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 34 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 38 هزار 544 ٽيسٽ ڪ??ا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 430، پنجاب ۾ 15 هزار 3، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 473، اسلام آباد ۾ 5 هزار 975، بلوچستان ۾ 626 ، گلگت بلتستان ۾ 297، آزاد ڪشمير ۾ 740 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿ??ندڙن جو ت??دا?? 3 لک 25 هزار 788 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽر?? تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 869 وينٽيليٽر?? تي ڪووڊ – 19 جا 228 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو ت??دا?? 3 لک 63 هزار 380 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری