اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم محمد نواز شريف جهڙي طرح آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي اها ئي پاسداري سمورن ادارن تي لا??و ٿئي ٿي، آئين ۽ قانون کان جڏهن اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئ?? ته اونداهي دور ۾ هليو ويو، وزيراعظم محمد نواز شريف جو اڄ پهريون ڀيرو احتساب ناهي ٿيو، تاريخ گواهه آه?? ته هو واحد شخص آهي جنهن جي ٽن نسلن جو احتساب ملڪي تار??خ ۾ ٽي ڀيرا ڪيو ويو. وزيراعظم محمد نواز شريف پاران جي آءِ ٽي ۾ پيشي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ وزيراعظم محمد نواز شريف جي سمورن مخالفن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ملي آهي، اڄ وزيراعظم جي جي آءِ ٽي ۾ وڃڻ سان هڪ نئين تاريخ لکي وئي آهي، ان سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ۽ ادارا مستحڪم ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت