باڪو _25 نومبر (اي پي پي ) گڏيل قومن ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد لاءِ 300 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو آ??ي پر ڪجهه ملڪن ان کي ناڪافي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حوالي سان گڏيل قومن جي انتظام هيٺ مشاورتي سيشن آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد ٿيو ، جنهن ۾ تيل جي صنعت پڻ بحث هيٺ آئي . اها رقم انهن پٺتي پيل ملڪن کي ڏني ويندي جن کي ڪوئلي، تيل ۽ گيس سبب ڇ??ٽڪارو حاصل ڪندڙن لاءِ روڪ رقم جي ضرورت آهي ڇو ته انهن شين جي استعمال سبب گلوبل وارمنگ ٿيندي آهي . اهڙي طرح ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ به انهي رقم ذريعي مدد فراهم ڪئي ويندي. اسرندڙ ملڪن طرفان 13 کرب ڊالرن جو مطالبو ڪيو ويو هو جنهن جي ڀيٽ ۾ اها رقم تمام گهٽ آهي پر 2009 ۾ ٿيل معاهدي جو ٽيون حصو آ??ي . ان معاهدي مطابق هر سال 100 ارب جاري ڪرڻا هئا . اهو معاهدو هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو آ??ي. موجوده رقم جي حوالي سان مشوري ۾ شريڪ ڪجهه ملڪن جي وفدن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي معاملو صحيح رستي تي آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ رقم جو انتظام پڻ ڪيو ويندو.
گڏيل قومن پاران ماحولياتي تبديلي سبب متاثر پٺتي پيل ملڪن جي مدد لاءِ 300 ارب ڊالرن جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد