واشنگٽن – 24 جولاءِ (اي پي پي ) اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جمعي ڏينهن آمريڪي صدارتي ??مي??وار ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب ريبپلڪن پارٽي جي صدارتي ??مي??وار ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو جمعي ڏينهن فلوريڊا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن يا هو سان ملاقات ڪندو. هن و??يڪ چيو ته اها ملاقات خميس ڏينهن ٿيڻي هئي جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جي درخواست تي ملاقات کي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. ڊونلڊ ٽر??پ وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي صدر طور سندس پهرين مدي دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام هي??. هتي جي تاريخي ابراهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون اسان ان امن استحڪام کي ٻيهر حاصل ڪنداسين. ڊونلڊ ٽر??پ وڌيڪ چيو ته تازن هفتن ۾ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ۾ واضح ڪيو آهي ته سندس ايجنڊ امن ذريعي طاقت آهي جيڪو دنيا جي سامهون اهو ظاهر ڪندو ته خوفناڪ، ويڙهاڪ ۽ پرتشدد تڪرارن کي ختم ٿيڻ گهرجي ان ۾ لکين ماڻهون ماريا پيا وڃن.
اسرائيلي وزيراعظم جمعي تي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ