بيجنگ -16 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وز??ر وانگ اي ۽ ايراني پرڏيهي وز??ر عبداللهيان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڪالهه ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ايراني پرڏيهي وز??ر عبداللهيان وچ اوڀر جي موجوده صورتحال کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته غزه ۾ شهرين تي حملن جي روڪٿام ۽ انساني بحران کي گهٽائڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن. ايران هن مسئلي کي سياسي طريقن سان حل ڪرڻ ۽ ان معاملي تي چين سان رابطي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وز??ر وانگ اي چيو ته چين فلسطين مسئلي تي اتحاد ۽ هم آهنگي کي مصبوط بڻائڻ ۽ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ اسلام?? ملڪن جي حمايت ڪري ٿو. بين الاقوامي برادري کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان عام شهرين کي نق??ان نه پهچي، اولين ترجيح صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ ۽ غزه ۾ هڪ انساني تباهي کي روڪڻ آهي. جنهن ۾ بي گناهه شهري قتل ٿي رهيا آهن. علائقائي امن کي نق??ان پهچي رهيو آهي. وچ اوڀر جي امن عمل کي تباهي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پنهنجي دفاع جو حق عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانونن مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي، تشدد جو جواب تشدد سان ڏيڻ سان نق??ان پهچي ٿو جيڪو وڌيڪ بحرانن جو سبب بڻجي ٿو.
چين ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی