نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت ۽ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفين ملاقاتن جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف جي مصروفيتن ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جي ??در ڊيوڊ مالپس ملاقاتون شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي پڻ صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي ??در سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي ??در ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران سي او پي 27 جي حوالي سان منعقد سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي ??در صعولي ننستو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي ??در جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت ۽ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفين ملاقاتن جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری