اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل توانائي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي ج?? وفد سان مل??قات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضر??ري آهي ته اسان قابل تجديد توانائي جي استعمال طرف وڌون. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ س??ڙپ??اري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان قائداعظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد توانائي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان س??ڙپ??اري کي فروغ ڏيون. مل??قات ۾ س??ڙپ??اري بورڊ وار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي وار?? وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي وار?? وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، قانون وار?? وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.
قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات