اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان ب?? گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عا??مي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ڪئناڊا جي عا??مي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪس??ان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪس??ان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن سان ماڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عا??مي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان ب?? گهٽ آهي پر پاڪس??ان موسمياتي تبديلي جي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ تازين موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل عا??مي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي. وزيراعظم عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان بهتر تعمير جي حڪمت عملي تي عمل ڪندو، پاڪس??ان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو ا??ها?? ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي مدد ڪندي.
پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria