اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ماهرن جي مشاورت سان ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس قومي منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي قدرتي آڦتن کان بچائڻ جي لاءِ موثر نظام ۽ بهتر بنيادي ڍانچي جي تعمير لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايرا هيڊڪوارٽرز ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پهر??ن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي هدايت ڪئي ته اهي پوري چوڪسي ۽ عالمي ماهرن جي مشاورت کانپوءِ ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ ٺوس قومي منصوبو تيار ڪيو وڃي، ملڪ ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام جي بهتري جي لاءِ هڪ قابل عم?? حڪمت عم??ي پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جي??ن مستقبل ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي چيو ته اهي ريور بيڊ ۾ زمين جي استعمال بابت زوننگ قانونن ۽ ضابطن تي موثر عم??درآمد کي يقيني بڻائين ته جي??ن مستقبل ۾ اهڙي ڪن??ن به تباهي کان بچي سگهجي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم اي)، پاڪستان آرمي انجنيئرنگ ڪور ۽ صوبائي اوڳاڙين جي کاتن جي نمائندن پاران هڪ گڏيل سروي ڪئي پئي وڃي ته جي??ن نقصانن بابت معتبر انگ اکر گڏ ڪري سگهجن. ان کان اڳ وزيراعظم کي نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (ا??ن ايف آر سي سي) جي ٽيم بريفنگ ڏني. کيس ٻڌايو ويو ته ا??ن ايف آر سي سي بچاءُ، رليف ۽ بحالي جي ٽن گهڻ رخي حڪمت عم??ي تي عم?? ڪري رهيو آهي ته جي??ن ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کي موثر طريقي سان گهٽ ڪري سگهجي. واضح رهي ته نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (ا??ن ايف آر سي سي) وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيو ويو هو ته جي??ن ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن کي ٺوس بڻائي سگهجي.
وزيراعظم پاران عالمي ماهرن جي مشاورت سان ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس قومي منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ