اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي سفارتڪاري کي بطور ڪيريئر چونڊ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سفارتڪاري ۾ عورتن جي شموليت پائي??ار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مدد??ار ثابت ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سفارتڪاري ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ اسان سفارتڪاري جي سمورين سطحن تي عورتن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت کي فروغ ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، سڄي ??ن??ا ۾ عورتون سفارتڪارن جي انگ ۾ اضافو حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، عورت سفارتڪارن جي شرح 2018ع ۾ 16 سيڪڙو مان وڌ?? 2022ع ۾ اٽڪ?? 22 ??يڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني عورت سفارتڪار پرڏيهي وزير کان وٺي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻاهرئين ملڪ سفيرن تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪنديون رهيون آهن، عورتن کي سفارتڪاري ۾ اعليٰ فيصلاسازي جي عهدن تي پهچائڻ جي لاءِ ساز??ار حالتون پيدا ڪيون وڃن. صدر چيو ته سفارتڪاري ۾ عورتن جي پهرين عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن جي ڪاميابين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا. ساز??ار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عورتن جي شرڪت ۽ نمائندگي وڌ??ڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن چيو ته صنفي تعصب جون مضبوط پاڙون اڃا به عورتن جي پيشيواراڻي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هي پاڪستان ۽ سڄي ??ن??ا ۾ پائي??ار ترقي ۽ امن سان گڏوگڏ جمهوريت جي حاصلات لاءِ اسان جي رفتار کي تيز ڪندو. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته صحيح حوصلا افزائي ۽ ساز??ار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عورتن جي شرڪت ۽ نمائندگي کي وڌ??ڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
سفارتڪاري ۾ عورتن جي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ