??سل??م آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته وڏن شهرن ۾ آءِ ٽي سان واڳيل ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي زون ٺهي رهيا اهن، ان مقصد جي لاءِ حڪومت اين او سي هاصل ڪرڻ بدران تعليمي نظام متعارف ڪرايو آهي. هن چيو ته نوجوان آبادي جو 68 سيڪڙو آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ کپت جي وڏي گنجائش آهي، ان جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو رستو هموار ٿيندو. ان کان اڳ بورڊ آف گورنرز ??سل??م آباد ۾ مختلف ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جن جو مقصد ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي فروغ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي دوست ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قد?? کنيا وڃن جن ۾ رجسٽرڊ ٽيڪ اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، پاڪستان ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي جوائنٽ وينچرز فنڊنگ سميت قد?? شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزير??عظ?? جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزير??عظ?? جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسپيشل ٽيڪنالاجي زو??ز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر