اسلام آبا?? – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ انساني بح??ان کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي ر??ڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان عوام جي مدد جي لاءِ ڇهه نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پا??ان واعدن سميت افغان عوام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهر??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ جي لاءِ مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي افغان عوام جي لاءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي افغان نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهر??ي. ??ن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن افغان عوام جي جائز بئنڪاري نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ افغان عوام جي ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪري سگه??ي. ??ن چيو ته اسان کي افغان عوام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي قيادت ڪرڻ گهر??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. افغانستان ۾ خوفناڪ انساني صورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حمايت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته انساني امداد بنا ڪنهن شرط جي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي انساني بح??ان ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بح??ان شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي، هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي ر??ي آهي، بک جو مسئلو آهي، ان مقصد جي لاءِ افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان پاران افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي پيش
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ