اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان ??وليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اع??از ڏي?? جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اع??از ڏي?? جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده ??ي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهن??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان ??وليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان ??وليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان ??وليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران نوجوان پوليس سپاهي جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث