اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي جيو اڪنامڪ ويزن کي ??رامن افغان ذريعي وچ ايشيا ۾ فروغ ملي رهيو آهي. پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن سان معاشي رابطا قائم ڪرڻ ذريعي ترقي جا نوان هدف مقرر ڪري رهيو آهي ۽ پرامن افغانستان ذريعي علائقائي خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. وزيراعظم عمران خان جي جيو اسٽريٽجڪ کان جيو اڪنامڪ پاليسين جي ويزن جي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن آهي جنهن جي نتيجي ۾ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سمورن موقعن مان فائدو کنيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت ازبڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان، قزغستان ۽ قزاقستان جهڙن 5 لينڊ لاڪ ملڪن سان علائقائي رابطن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن جي ڪري ويجهي مستقبل ?? وڏي معاشي تبديلي نظر ايندي جڏهن ته ترقي جو اهو سفر پرامن افغانستان سان واڳيل آهي ڇو ته خوشحالي جي ان ويزن مان حقيقي فائدو افغانستا?? ۾ ??من امان سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم عمران خان مختلف موقعن تي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي بهترين مفاد جي لاءِ افغانستا?? ۾ ??من امان جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان، افغانستا?? ۾ ??من امان جو خواهشمند آهي ڇو ته پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي ان تي دارومدار ڪري ٿي. وزيراعظم تازو ئي پاڪستان جو دورو ڪندڙ افغان صحافين جي وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ پرامن افغانستان پاڪستان جي وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ اهم آهي ۽ ان سان افغانستان پاڪستان ۾ گوادر جي بندرگاهه مان پڻ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته 2 فيبروري 2021ع تي پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان ڪابل جي رس??ي مزار شريف کان پشاور 573 ڪلوميٽر ڊگهي روٽ جي تعمير تي پڻ اتفاق ڪيو. ان منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ازبڪستان جي لاءِ پاڪستاني ۽ بحيره عرب جي بندرگاهن تائين پهچ آسان ٿيندي ۽ افغانستان به وچ ايشيائي معاشي نظام سان ڳنڍجي ويندو. نئين ڪوريڊورز جي تعمير سان علائقائي رابط?? ۾ ??هتري کانسواءِ 20 ملين ٽن ڪارگو جي سالياني پهچ پڻ ڪري سگهبي. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف 14 اپريل 2021ع تي هڪ ورچوئل ميٽنگ دوران ترميز، مزار شريف، ڪابل، پشاور، ريلوي لائين جي تعمير جي پڻ حمايت ڪئي هئي ۽ ان قدم سان وچ ايشيا جي ملڪن جي پاڪستان جي ڪراچي، گوادر ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن ذريعي بحيره عرب تائين پهچ وڌائي سگهجي ٿي، جولاءِ ۾ پنهنجي تازي ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي عمران خان چيو ته گڏيل رابط?? ۾ ??ضافي جي اهليت جي بنياد تي پاڪستان علائقائي ملڪن سان واپاري لاڳاپن جي فروغ کي بنيادي اهميت ڏي ٿو. هن ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ کي ??اڪستان ۽ ازبڪستان جي لاءِ انتهائي اهم منصوبو قرار ڏنو ۽ چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي چ ايشيا جي وڏي ملڪ ازبڪستان سميت ٻين رياستن سان معاشي ۽ واپاري رابط?? ۾ ??ضافو ٿيندو. هن چيو ته علائقائي رابط?? ۾ ??ضافي سان وچ ايشيا جا ملڪ سي پيڪ منصوبي مان پڻ فائدو کڻي سگهندا ۽ ٽرانسپورٽ، فائبر آپٽڪس ڪيبل، انرجي پائيپ لائينز ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. تاشقند ۾ سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا سمٽ، موقعا ۽ مسئلا جي موضوع ??ي منعقد ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن کي خطاب ڪندي جولاءِ ۾ وزيراعظم عمران خان افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هن چيو ته گڏيل مفاد جي لاءِ پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستا?? ۾ ??ياسي حل جو خواهشمند آهي. هن چيو ته افغانستا?? ۾ ??من امان سان پاڪستان، ازبڪستان ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن جي رابطن کي ??ڌائي سگهجي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ افغانستان ۾ پائيدار امن امان کي علائقائي رابطن جي لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي ۽ ان حوالي سان سموريون ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن. تاشقند ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته علائقائي رابطا وڌڻ سان پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ملندي. تاشقند ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر جي جولاءِ ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن گوادر کان تاشقند ٽرين سروس جڏهن ته ڪراچي کان تاشقند ٽرڪ سروس شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپار وڌائڻ چاهي ٿو جنهن جو مقصد وڏين طاقتن کانسواءِ گڏيل واپار جو تنوع آهي. افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي افغانستان جي ترقي جو پيغام آهي ۽ ان سان پاڪستان کي ??وقعو مليو آهي ته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي ??ستحڪم ڪري. پاڪستان وچ ايشيا جي منڊين ۽ واپار جي موقعن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي صنعتي ترقي جي هدفن جي لاءِ انهن رياست?? ۾ ??ستياب توانائي جي وسيلن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. پاڪستان افغانستا?? ۾ ??ياسي حل تي پڪو ي??ين رکي ??و جيڪو ترقي جي سفر جو ضامن ٿي سگهي ٿو. عالمي معاملن جي ماهرن چيو آهي ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي رابطن سان ڪيترن ئي ملڪن کي ??ائدو ٿيندو. ڪابل جي رس??ي مزار شريف کان پشاور ريلوي لائين سان اتر ۽ ڏکڻ روس جي سفر ۾ 600 ڪلوميٽر گهٽتائي ٿيندي. اهڙي طرح سفر ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر آفريقا جي ملڪن سان چين جي واپار ۾ سهولت ٿيندي ۽ شپنگ جي وقت ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. 15 جولاءِ 2021ع تي پاڪستان، ازبڪستان، افغانستان ۽ آمريڪا ان تي اصولي اتفاق ڪندي اعلان ڪيو هو ته علائقائي رابطن جي واڌاري لاءِ گهڻ ملڪي سفارتي پليٽ فارم قائم ڪيو ويندو جنهن سان علائقائي رابط?? ۾ ??ضافي جي حڪمت عملي کي ??ستحڪم ڪري سگهبو. امن امان ۽ علائقائي رابط?? ۾ ??ضافو جيو اڪنامڪ حڪمت عملي جو اهم عنصر آهي. ماهرن ان ي??ين جو اظهار ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جو ملڪ پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن سان گڏيل رابطن جي فروغ لاءِ تيزي سان ٺوس ۽ متنوع قدم کڻي رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان جي جيو اڪنامڪ ويزن کي پرامن افغان ذريعي وچ ايشيا ۾ فروغ ملي رهيو آهي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب