اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي ??وال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي استعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو اهم ق??م کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”فائيو آر“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اهو قدم ماحوليات جي عالمي ڏهاري س??ن هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي مشهور يونيورسٽيون پهرين ئي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجي چڪيون آهن، ماحولياتي ??لودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ فائيو آر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري سائيڪل، ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي ??اري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ”فائيو آر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري آر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري سائيڪل) ڪميونٽي پهرين ئي ميمبر بڻجي چڪو آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاءِ جاپان جي تجويز تي ??يشيا ۾ ريجنل ٿري آر فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي اداره جاتي ۽ انفرادي ٻنهي سطح تي ماحولياتي ??اوال جو سبب بڻجندڙ عملن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي معاشري جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی