اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات ۽ نشريات و??رن وزيرن ۽ ترجمانن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائ??س بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ صوبائي سطح تي فوري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم لاءِ وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، وز??را??ظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ اطلاعات و??رن وزيرن ۽ ترجمانن جي وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.
فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ صوبائي اطلاعات وارن وزيرن ۽ ترجمانن جي وڊيو ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا