اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحده عرب امارات جي بحريه جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (پائليٽ) سعيد بن حمدان بن محمد النهيان کي پاڪستان ج?? اعليٰ عسڪري اعزاز هلال امتياز ملٽري عطا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس اه?? اعزاز سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب جي دوران ڏنو. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ان کان اڳ ريئر ايڊمرل (پائليٽ) سعيد بن حمدان بن محمد النهيان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم