??را??ي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي، اسان تبديل ٿينداسين ته پوءِ عوام ۾ تبديلي ايندي، جڏهن ائين ٿيندو ته ڊيم به ٺهندا، قرض به لهندا ۽ هي ملڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪنداسين. هو ??را???? جي دور?? جي موقعي تي ڊيمز جي لاءِ فنڊ ??يزنگ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ج??هن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير ۽ وڏي انگ ۾ سرندي وارن ماڻهن ش??ڪت ڪئي. ان موقعي تي ش??ڪت ڪندڙن ڊيمز فن?? جي لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻي تي جڏهن کيس بريفنگ ڏني وئي ته خيال آيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرن جي ڪيتري ضرورت آهي، ماضي ۾ ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، پاڪستان ۾ پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم هڪ آمر ايوب خان جي دور ۾ ٿيو، ان سان پاڪستانين کي سستي بجلي ملي جڏهن ته بعد ۾ اسان سستي بجل?? جي ذريعن کي ڇڏي مهانگي بجلي طرف هليا وياسين ۽ پاڻي ذخيرن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.
تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی