اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??رج??ان فواد چوڌري اميد ظاهر ڪئي آهي ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالها??ين??ي هن چيو ته نوان چونڊيل مي??بر 13 آگسٽ تي حلف کڻندا ۽ انهي ڏينهن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي. چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان قومي اسيمبلي مان وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ 18 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي مي??برن بابت ڪو فيصلو اڃان تائين حتمي ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه منسٽر انڪليو جي مرمت ۽ رنگ روغن جو ڪم جاري هجڻ سبب پنجاب هائوس ۾ قيام ڪندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج