جهلم – 10 آگسٽ (??ي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪروڙين ماڻهن 2013ع ۾ م??ن کي ووٽ ڏئي اسلام آباد موڪليو ۽ پنج ججن هڪ منٽ ۾ م??ن کي فارغ ڪري گهر موڪلي ڇڏيو. جهلم ۾ وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪري رهيو هو. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جهلم ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته جهلم ??ي عوام جنهن والهاڻي انداز ۾ منهنجي آجيان ڪئي آهي ان جو ٿورو ادا ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن، هن چيو ته 2013ع ۾ هتان ??ي عوام وٽ آيو هئس ۽ مون عوام کي چيو هو ته ملڪ وڏي مشڪل ۾ آهي، ملڪ ج?? ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آهي، معيشت تباهي طرف وڌي رهي هئي ۽ ملڪ انڌيرن ۾ ٻڏي چڪو هو ۽ پاڪستان جي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي هئي، غريب جو ڪير به نه هو، آبادگارن جا ٽيوب ويل ۽ صنعتڪارن جا ڪارخانا بند ٿي چڪا هئا ڇو ته بجلي نه هئي، ان سان ڪاروبار ختم ۽ ملڪ بدحالي جو مثال پيش ڪري رهيو هو ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي گئس جي لاءِ قطارون لڳل هون??يو?? هيون.
عوام اسلام آباد موڪليو ۽ ججن مون کي فارغ ڪري گهر موڪلي ڇڏيو: نواز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے