ڪراچي– 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون،هندستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪشن پلان تحت نظربند ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو ??ظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻوله?? ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو ??مريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو انتهائي خوشگوار رهيو،اسان جا ۽ آمريڪا جا ڪجهه گڏيل مقصد آهن جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال،دهشت گردي جو ??اتمو ۽ واپار وڌائڻ سرفهرست آهن. هن چيو ته نئين آمريڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته هندستان پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.
آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea