گڏيل قومون -19 مارچ (اي پي پي) غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ ۾ شهري آبادي کي بک ۽ ڏڪار جي خطرن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ ٻي ڳڻتي واري رپورٽ جاري ڪئي آهي. العربيه مطابق گڏيل قومن طرفان تيار ڪيل هڪ ر??ورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته غزه ۾ هاڻي ۽ مئي جي وچ تائين ڏڪار پکڙجڻ جو امڪان آهي جتي هن وقت 3 لک ماڻهو ها??ي به ويڙهه سبب ڦاٿل آهن. فوڊ سيڪيورٽي جي مربوط عارضي درجه بندي تي ٻڌل رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته غزه پٽي ۾ بک سبب ”تباهه ڪندڙ“ سطح کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو تعداد وڌي 1.1 ملين ٿي ويو ??هي جيڪو آبادي جو اڌ حصو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته امڪان آهي ته مارچ 2024ع جي وچ کان مئي 2024ع تائين غزه جي پٽي جي وڏي آبادي ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته غزه ۾ هر ماڻهو کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو ??هي ۽ اتر غزه ۾ اٽڪل 210000 ماڻهو بک جي پنجين مرحلي ۾ آهن جيڪو تباهه ڪندڙ بک جي نشاندهي آهي.
غزه جي 70 سيڪڙو آبادي مئي تائين تباهه ڪندڙ ڏڪار جو شڪار ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔