نيويارڪ-11 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قرارداد منظور ڪندي ڳاڙهي سمنڊ ۾ حوثين طرفان بحري جهازن تي حملن جي مذمت ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق گذريل ٻن مهينن دوران ڳاڙهي سمنڊ ۾ انهن حملن سبب عالمي واپار ۾ رنڊڪ ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سا?? خدشن جنم ورتو آهي. سلامتي ڪائونسل حوثين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو حملا بند ڪري جاپاني ڪارگو ڪمپني جي جها?? گليڪسي ليڊر ۽ ان جي عملي جي 25 ڄڻن کي آز??د ڪن. آمريڪا ۽ جاپان طرفان پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عالمي قانونن جو احترام ڪرڻ گهرجي. قرارداد مطابق بحري اچ وڃ ۽ ڪمرشل جهازن کي گذرڻ جي آز??دي هئڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن قراردادن ۾ چيو ته ميمبر ملڪن کي پنهنجن جهازن کي حملن کان بچائڻ جو حق حاصل آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ