ٽوڪيو – 11 جنوري (اي پي پي) جاپان جي ڀيٽ اوڪيناوا ۾ موجود آم??يڪي فوجي اڏي جي منصوبي تحت منتقلي واري هنڌ ڀرائي ذريعي زمين ??ي بنياد کي مضبوط بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اين ??يچ ڪي مطابق جاپان آم??يڪي ميرين ڪورفوتينما ايئر اسٽيشن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ناگو شهر جي هينوڪو ويجهو سمنڊ ۾ ڀرائي ذريعي زمين ??اصل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان کان اڳ اوڪيناوا جي حڪومت منتقلي جي ان منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ اوارا نار جي زمين هيٺ نرم تهه کي مضبوط بڻائڻ لاءِ منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. گذريل مهيني هڪ عدالت مرڪزي حڪومت جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو جنهن ۾ لاڳاپيل وزارت کي صوبي جي اعتراضن کي رد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو. چيف ڪابينا سيڪريٽري هاياشي يوشي ماسا چيو آهي ته ان منصوبي جي شروعات ٿي وئي آگي. اهو نو سال ۽ ٽن مهينن ۾مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن توقع ظاهر ڪئي ته اڏاوتي منصوبي تي مرڪز ۽ اوڪيناوا جي حڪومتن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه مناسب طريقي سان جاري رهندي. اوڪيناوا جي مخالفت باوجود منصوبي تان پوئتي نه هٽڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي خيال ۾ آم??يڪي اڏي کي هينوڪو منتقل ڪرڻ ئي واحد حل آهي ته جيئن فوتينما بيس هي واپسي کي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ علائقي کي ??مڪ??ني خطري کان بچائي سگهجي.
جاپان، اوڪيناوا ۾ آمريڪي اڏي جي منتقلي تي ڪم شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ