ٽوڪيو -09 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير ڪامي ڪاوايوڪو فلسطين جي عسڪريت پسند گروپ حماس طرفان اسرائيل خلاف حملن بعد سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته تحمل کان ڪم ورتو وڃي. جاپان جي خابرو اداري مطابق جاپان جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? چيو ته هو حماس ۽ ٻين فلسطيني عسڪريت پسندن طرفان غزه پٽي تان اسرائيل تي ڪيل راڪيٽ حملن جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته ان سبب ڪ??ي بيگناهه عام شهرين کي ن??صان پهتو آهي. هن اها نشاندهي به ڪئي ته اطلاعن مطابق حماس ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا پڻ ڪيو آهي، انهن جي جلد کان جلد آزادي کي يقيني بڻايو وڃي. جاپان جي پرڏيهي وزير غزه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو سب?? بڻجندڙ اسرائيل فوج جي حملن بعد پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته هو وڌيڪ نقصان ۽ فوتگين کان بچڻ لاءِ انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪن.
حماس طرفان اسرائيل تي حملي جي معاملي تي تحمل کان ڪم ورتو وڃي: جاپان جي پرڏيهي وزير جي اپيل
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ