اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏ??نه?? جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان رياض روانو ٿي ويو. وزيراعظم رياض ۾ 29 کان 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”??ام??دود آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ جي سيڙپڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿيندا. شريڪ ملڪ پنهنجي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، صحت ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي. پنهنجي ٻن ڏ??نه?? جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلما?? سان به ملاقات متوقع آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم جي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻ?? سان به ملاقاتون متوقع آهن. دفاع وارو وفا??ي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفا??ي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفا??ي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفا??ي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد