اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، اسرائيل جي انهن قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اهڙي طرح جي قدمن سا?? نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي پر هي ڪارروائي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪست??ن امن قائم ڪرڻ ل??ءِ ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سا?? گڏجي ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته هو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ ل??ءِ تحمل کا?? ڪم وٺن.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں