سرينگر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طو?? ملهائيندا ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ??ه ڀارت سندن مادر وطن تي غير قانوني طو?? تي س??دن خواهشن خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ۽ ڪشميرين جي ??منگن خلاف سرينگر جي هوائي اڏي تي پنهنجي فوج لاهي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي جي پي جي هندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير جي ??صوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ??ه مذمت ڪئي ويندي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو س?? ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي ۽ ٻين آزاد پسند تنظيمن ان جي ??مايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ڪشميرين تي زو?? ڀريو آهي ته هو ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا تي واضح ڪن ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي تائين پنهنجي ??زادي جي ??دوجهد جاري رکندا. هن عالمي برادري تي زو?? ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي ??ل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين کي درپيش انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين ۽ سياسي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي س??دن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄمون ڪشمير جي ٻين حصن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ ڪشميرين تي زو?? ڀريو ويو آهي ته هو پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جي ??ير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. پوسٽرن تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن. پوسٽر سماجي ??ابطن جي ويب سائٽس، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.
ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا