اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته صحت الله تعالي جي ??نل نعمتن مان هڪ وڏي نعمت آهيِ.هڪ صحت مند ذهن انسان کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ تخليق جي صلاحيت بخشي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ذ??ني صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته صحت جي عالمي ا??ار?? موجب سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو ذ??ني بيمارين ۾ مبتلا آهن جنهن جو وڏو سبب نا انصافي، خراب سلوڪ. عدم برداشت، پريشاني ،بيروز??ار??، غربت ۽ نامناسب علاج آهن. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي بربريت سبب فلسطيني ٻين ڏکيائين سميت ذ??ني اذيت جو پڻ شڪار آهن ،اهڙي ريت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي سفاڪيت ۽ انساني ح??ن جي لڳاتار لتاڙ پڻ ڪشميرين کي ذ??ني اذيت ۾ مبتلا ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته ذ??ني بيمارين جي روڪ ٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته صرف عام پر ڪم وارين جاين تي پڻ سازگار ماحول ذ??ني ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته صحت مند ۽ اسريل پاڪستان اسان جو مشن آهي ،الله تعالي جي مدد ۽ گڏيل ڪوششن سان جلد ان مشن ۾ ڪامياب ٿينداسين.
صحت الله جي نعمت آهي،انساني صحت لاءِ صحت مند ذهن تمام گهڻو ضروري آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ