نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بن??لاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي ت?? بن??لاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بن??لاديش ۽ پاڪستان جي و?? ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني و??ي. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي عوام جي و?? ۾ موجود خيرسگالي مان فائدو کڻندي وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا، گڏيل عوامي رابطن، رانديگرن، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي ملاقات، ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں