لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي بنا فرق انساني حقن جو ت??فظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، سمورن مذهبن جي ما??هن کي پنهنجن پنهنجن نظرين موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي، اسان ا??ليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن ا??ليتن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيان ٿو ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي شاندار ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، وزيراعظم چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن سان يڪجهتي جو اظ??ار ۽ انهن جي پاڪستان جي رياست لاءِ خدمتن جو اعتراف آهي، اسان جي اقليتي برادري تحريڪ پاڪستان ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين وطن جي تعمير ۾ ڀرپور حصو وجهي رهي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي حوالي سان 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ تاريخي تقرير ۾ اقيلتن لاءِ مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو هو. قائداعظم جي ويزن جي پيروي ڪندي اقليتن جي خدمتن ۽ انهن جي سڃاڻپ جي اعتراف ۾ 11 آگسٽ تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ا??ليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اڄوڪي ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ا?? عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيون ٿا. پاڪستان حڪومت مذهبي اقليت برادري جي فلاح و بهبود جي حوالي سان عملي قدم کڻي رهي آهي، اقليتن لاءِ روزگار جي موقعن ۾ ميرٽ کان علاوه مخصوص سيٽون ا?? ڳالهه جو ثبوت آهي، ته اسان وٽ اقليتن کي اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن. اقليتي برادري جي سمورن ادارن ۾ نمائندگي کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيوته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ۾ رهندڙ مذهبي اقليتن سان يڪجهتي جي اظ??ار ۽ عزت ۽ احترام جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ سمورن ا??ليتي برادرين لاءِ برابري جا حق آهن ۽ انهن جي مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. حڪومت پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ سمورين ا??ليتي برادرين لاءِ برابري جا حق يقيني بڻائي رهي آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمان، سک، هندو، مسيحي، پارسين سميت سمورن مذهبن جا ما??هو هن ملڪ جا آزاد شهري آهن، جن کي هڪ جهڙا حق ۽ پنهنجي نظرين مطابق زندگي گذارڻ جي پوري آزادي حاصل آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان حڪومت اقليتي برادري جي فردن جي مختلف شعبن ۾ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، اقليتي برادري پاڪستان جي دفاع ۾ به اڳيان اڳيان رهي آهي ۽ اقليتي برادري جي ما??هن جي ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجون جانيون به قربان ڪيون آهن. اڄ جو ڏينهن حقيقت ۾ تجديد عهد جو ڏينهن آهي، ته اقليتي برادرين پنهنجي مثالي اتحاد کي برقرار رکندي بنا امتياز جي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کان سواءِ انساني حقن جو ت??فظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح به سمورن ا??ليتن کي هڪجهڙا حق ڏيڻ تي زور ڀريو. اقليتن کي بنيادي حقن جي فراهمي ۽ انهن جي جان مال جو ت??فظ رياست جي ذميواري آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. سمورن ا??ليتن جي فلاح و بهبود لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. حڪومت سموري اقليتي برادري جي بنيادي حقن جي تحفظ، عزت ۽ وقار، جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، سمورن ا??ليتن جي مقدس ما??ن جي حفاظت، سار سنڀال، رنگ روغن حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي اهو عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، ته وطن عزيز ۾ رهندڙ سمورن ا??ليتن جي حقن جو احترام ڪيو ويندو. وزيراعظم هن ا??يد جو به اظ??ار ڪيو ته سموريون ا??ليتون ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون. محمد شهباز شريف عالم سڳورن ۽ عوام تي زور ڀريو ته هو مختلف عقيدن جي ما??هن وچ ۾ رواداري، برداشت ۽ بين ا??مذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏين. ملڪ ۾ بين ا??مذاهب هم آهنگي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سمورن ادارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن جي حقن جي پاسداري لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
رواداري، گڏيل احترام ۽ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم شهباز شريف جو اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania