اسلام آباد – 25 – جو??ائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي 27 جو??اءِ تي ??ائو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۾ ٿيندڙ 31 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ خطي بابت سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ حصيداري جي ذريعي گڏيل حل کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اجلاس ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??اڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري آسيان ريجنل فورم جي 31 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي شرڪت ڪندڙ معززين سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II