اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شر??ف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي ??رچن کي گهٽ ڪنداسين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي ??عليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. وزيراعظم ??حم?? شهباز شر??ف چيو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي ??ملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي ??ملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان??ن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي ??رچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ??دارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ??حم?? اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي ??گاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي ??ريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان??ن تجويز ڪيل قدمن تي ??مورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم آڏو ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش، مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو، وزيراعظم پاران سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪرڻ جي هدايت، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteios quina