ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪومت جي آئيني ذميوار?? آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي جي استعمال ت?? آهي، تحقيق جو فروغ هر حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ ٽيڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته معياري ۽ صحت جي بهتر خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي آئيني ذميوار?? آهي. اسان شهرين کي صحت جي برابر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سرنديءَ وارن ۽ نجي ??عب?? جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. آغا خان يونيورسٽي جو تعليم، تحقيق ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ هاڻي آرٽس ۽ سائنس جي ??عب?? ۾ پڻ يونيورسٽي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. آغا خان يونيورسٽي پاڪس??ان جي لاءِ هڪ قومي اثاثو آهي، تحقيق ۽ ٻين ??عب?? جي ڪري آغا خان يونيورسٽي جو شمار دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو ۽ ان مان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته پاڪس??ان عالمي سطح تي اعليٰ تعليم ۽ علم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر ضرورت جي موقعي تي آغا خان يونيورسٽي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀايون آهن. ڪورونا دوران مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ ڪوويڊ جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ هزارين ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت کي يقيني بڻايو. ٻوڏ دوران پڻ آغا خان يونيورسٽي متاثر علائقن ۾ هزارين هيلٿ ڪلينڪس قائم ڪيون جن ??ي ذريعي لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. آغا خان يونيورسٽي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره?? آهي. آغا خان يونيورسٽي پرنس آغا خان جي ويزن ۽ فهم ۽ فراصت جو مظهر آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحت جي ??عب?? ۾ ڊيجيٽلائيزيشن هڪ بهترين ذريعو آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان مرض بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، ٽيڪنالاجي صحت سميت هر ??عب?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره?? آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان مرض جي تدارڪ ۽ تشخيص جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪنالاجي ??ي ذريعي سمورن شهرين کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي خواب کي پورو ڪيو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي ت?? آهي، رڳو صحت جي ??عب?? تائين ئي نه هر ??عب?? ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس خواب رهيو آهي ته هو هڪ استاد بڻجي پر ائين نه ٿي سگهيو.
عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر