اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪ??ڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي لاڳاپيل وزارتن اڄ هڪ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته جيئن هڪ سال جي مدي لاءِ هر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪ??ڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان جي لاءِ سازگار شرطن تي ان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون، ناڻي واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ان جي ٽيم جي محنت کي ساراهيان ٿو، عوامي خدمت جي ان عزم کانسواءِ ا??و معاهدو مختصر ترين مدي ۾ ممڪن نه هو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس