اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسل??ان ملڪن کي مختلف شعبن ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن وقت اوپن سورس علم جي ڪثرت موجود آهي جنهن ??ان مسل??ان ملڪن کي مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سائينٽفڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامسٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر ايم اقبال چوڌري وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چي?? ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي ??ي ڪري دنيا تيزي سان تبديلين ??ان گذري رهي آهي ۽ اسلامي ملڪن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ت??ز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته علم جي دستيابي ۽ جمهوريت وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا آهن جنهن ??ان مسل??ان ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر مصنوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ??ان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مسل??ان ملڪن کي درپيش مسئلن جا حل ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چي?? ته ڪامسٽيڪ جي سائنسي مشاورتي طريقيڪار سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وفد صدر کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ چئلينجز ۽ موقعن تي روشني وڌي ۽ مسل??ان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر شرڪت ڪندڙن پاران پيش ڪيل خيالن سان گڏوگڏ ڪامسٽيڪ پاران ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.
ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں