نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ان حملي ۾ دهشتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي هدف بڻائي پاڪستاني عوام جا حوصلا پست ڪرڻ هو، تنهن هوندي به اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪستاني قوم کي پنهنجي س??زم??ن تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ متحرڪ ڪيو، ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اٺين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن طرفان منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزير 8 سال اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ وحشياڻي دهشتگرد حملي جي متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چي?? ته ان حملي ۾ اسڪول جا 132 ٻار ۽ استاد ۽ عملي جا ميمبر شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ان حملي جي ذميواري نام نهاد تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي، جنهن کي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته هي مناسب آهي ته اسان آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي جي آفيس جي پروگرام دهشتگردي جي متاثرين جي ياد جي هڪ حصي طور منعقد ڪريون. هن چي?? ته هي دهشتگرداڻو حملو تمام گهڻو ڪڌو فعل هو ڇو ته د??شتگردن جو واضح مقصد ٻارن کي مارڻ هو، ان لاءِ اهو ٽارگيٽيڊ حملو هو، جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام جي حوصلن کي شديد جهٽڪو پهچائڻ هو. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان جي ٻارن جي قتلام جي صدمي پاڪستاني قوم کي اسان جي س??زم??ن تان سڀني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ متحرڪ ڪيو. اسان جي سرحدن کي ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل دهشتگرد گروپن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو ويو. پاڪستان جو آپريشن ڪامياب رهيو ۽ اسان جي س??زم??ن دهشتگردن کان پاڪ ڪئي وئي. هن چي?? ته اسان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي، ان سان 80 هزار شهري ۽ فوجي ماريا ويا يا زخمي ٿيا ۽ معيشت کي 120 بلين ڊالر جو نقصان پهتو. هن چي?? ته بدقسمتي سان ٽي ٽي پي ۽ ٻين ڪجهه د??شتگرد گروهن کي سرحد پار کان محفوظ پناهگاهون مليون آهن، جتان پاڪستان جي فوجي ۽ سويلين هدفن جي خلاف وقت بوقت ۽ ان کان به وڌيڪ حملا ٿيندا رهيا آهن. ٽي ٽي پي جي وحشياڻي نوعيت ۽ ان جي اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي نشانو بڻائڻ ۽ ٻين ڏوهن سميت وڏي پئماني تي ڦاهي ۽ سر قلم ڪرڻ کان به عالمي برادري جي ٽي ٽي پي، داعش جهڙن ٻين دهشتگرد تنظيمن سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جي عزم کي هٿي ملي. هن چي?? ته اسان کي ڳڻتي آهي ته ٽي ٽي پي منتشر ٿيڻ ۽ انضمام جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هن پاڪستان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چي?? ته پاڪستان جي خلاف پنهنجي دهشتگرداڻي قدمن کي لڪائڻ جي لاءِ هندستان دهشتگردي جا الزام هڻي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي ٻن سالن جي ميمبرشپ دوران اها ڀارتي مهم تيز ٿي وئي هئي. ڀارت ڄاڻي واڻي ممبئي ڪيس کي کليو رکيو آهي ته جيئن ان واقعي کي پنهنجي مرضي سان پيش ڪري سگهجي. اسان گذريل آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ لاڳاپيل سي ٽي سي جي خصوصي ميٽنگ ۾ ٻيهر ان پروپئگنڊه جو مشاهدو ڪيو، ان کانسواءِ ڀارت ايف اي ٽي ايف کي بدنام ڪرڻ ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هن چي?? ته جڏهن پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙن ماڻهن کي لسٽ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون، جن تي پاڪستان پهرين ئي پابندي لاڳو ڪري رکي آهي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ هندستان پاڪستان جي خلاف دهشتگرداڻي حملن ۾ ملوث هندستاني شهرين جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي چئن تجويزن کي روڪي ڇڏيو آهي، جهڙي طرح هن 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي پنهنجي چيئرمين شپ جو غلط استعمال ڪيو آهي. اهڙي طرح هندستان اڄ دهشتگردي تي بحث جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت جو فائدو کڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي شرڪت جي اجازت ناهي ڏني وئي. پرڏيهي وزير چي?? ته ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان دهشتگردي بابت هندستان جي ٻٽي پاليسي کي بي نقاب ڪيو آهي. ڀارت پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسرين خلاف دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۽ غيرقانوني والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، اهڙي طرح بي جي پي، آر ايس ايس جي غنڊن کي سڀني اقليتن خاص طور تي هندستان جي مسلمانن جي خلاف زعفراني دهشتگردي جي کليل ڇوٽ ڏنل آهي. هن چي?? ته پاڪستان ڀارت کي ان جي دهشتگرداڻي قدمن جي لاءِ جوابدار ڄاڻائڻ جي پنهنجي ڪوشش جاري رکندو. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان جي انٽيليجنس ايجنسين وٽ پاڙيسري ملڪن جي ايجنٽن ۽ ڪابل ۾ اڳوڻي حڪومت جي عنصرن طرفان ٽي ٽي پي کي مالي ۽ تنظيمي مدد ۽ هدايتون فراهم ڪرڻ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. اسان سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل سان هڪ جامع ڊوزيئر شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن. هن چي?? ته اها پاڪستان جي اميد آهي ته ڪابل ۾ نوان عملدار ٽي ٽي پي کي پاڪستان جي خلاف سرحد پار دهشتگرداڻي حملن کان روڪي سگهندا. جهڙو هنن دوحه معاهدي ۽ ان کانپوءِ جي پاليسي اعلانن ۾ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، تنهن هوندي به ان مقصد طرف ڪوششون ناڪام نظر اچن پيون، ائين لڳي پيو ته ٽي ٽي پي ۾ پاڪستان جي خلاف اعلان جنگ ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو آهي ۽ هن جا حملا تيز ٿي ويا اهن. هن چي?? ته پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملو انتهائي ڪڌو فعل هو، ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي ٻاهرئين حمايت جا ٺوس ثبوت موجود آهن، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ