اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپ??ني ڪمپنين کي شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنياد تي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري عما??تن?? ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي معيشت، واپار ۽ انڊسٽري واري پارليام??ني نائب وزير ستومي ريوجي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ موجود جاپ??ني ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ جاپان جو سفير وادامتسوهيرو به موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان شمسي توانائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي شعبن ۾ جاپ??ني سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي، ونڊ ۽ هائيڊل جهڙن قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ڇو ته تيل، گئس ۽ ٻئي مهانگي ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وڏو پرڏيهي ناڻو اسان جي معيشت تي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت نه رڳو هڪ موثر سيڙپڪاري پلان تيار ڪري ورتو آهي پر سمورين ڌرين جي پري بڊ ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وئي آهي، شمسي توانائي جي ان منصوبي تحت سولر پارڪس لڳايا ويندا ۽ سرڪاري عما??تن?? ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. وزيراعظم جاپ??ني ڪمپنين کي ان اهم منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن کي هر طرح جي سهولت ۽ آس??ني جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي منصوبن ۾ جاپ??ني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ قيمتي جانين جي ز??ان تي جاپان جي حڪومت ۽ عوام پاران همدردي جي جذبن ۽ 70 لک ڊالر جي مالي امداد تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ جاپ??ني ڪمپنين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا.
وزيراعظم پاران جاپاني ڪمپنين کي شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável