اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلم ۽ ڊرامو پاڪستان جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، فلمون جي ڪهاڻي، معيار ۽ ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ اسان جي قومي فلم پاليسي جو حصو آهي، معياري فلمن جي هن وقت ??ما?? گهڻي ضرورت آهي، فلم انڊسٽري کي ??يڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪنداسين، حڪومت سئنيما گهرن جي بحالي، نئين سئنيما گهرن جي تعمير ۽ فنڪارن کي ??راعتو?? ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ان ڏس ۾ فلمسازن کي ??يڪس ۾ ڇوٽ سميت فلم انڊسٽري جي جي لاءِ اوزارن جي درآمد ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ امجد جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي لاءِ ايف بي آر سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، جلد ئي حڪم?? عملي طئي ڪئي ويندي. هن چيو ته نئين سئنيما گهرن ۽ پروڊڪشن هائوسز کي ??يڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جو عمل جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري جي سمورين ڌرين سان ٽيڪس ڇوٽ سميت ٻين معاملن تي ??ما?? جلد مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪومت ذميواري سنڀاليندي ئي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي کي بحال ڪيو، اسان فلم کي صنعت جو درجو ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني فلمسازن جي گڏيل پروڊڪشن شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون. هن وفد کي ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فلمسازن جي گڏيل پروڊڪشن شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. هن وفد کي ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فلمسازي ۾ت عاون ۽ گڏيو پروڊڪشن جي حوالي سان چيني سفير سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ امجد چيو ته سئنيما انڊسٽري جي بحالي لاءِ حڪومتي قدمن سان فلم انڊسٽير کي سگهه ملندي. هن چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي ان جي اصل سڃاڻپ ڏيارڻ جي لاءِ حڪمت سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي ??لم انڊسٽري کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفاقي وزير وفد جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدمن جي خاطري ڪرائي. فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي قدمن کي ساراهيو.
فلم ۽ ڊرامو پاڪستان جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania