اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ محمد يوسف نقاش 5 آگسٽ 2019ع کي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سڃاڻپ تي حملي جو ڏينهن قرار ڏيندي گڏيل ??ومن تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي جوابده ب??ائ??. سرينگر مان جاري بيان موجب ڀارت جي ڪشمير بابت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گڏيل ??ومن جي قراردادن موجب عالمي برادري ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي. حريت ڪانفرنس جي اڳو??ڻ چيو ته ڀارت خطي ۾ هڪ بي رحم غنڊو بڻجي چڪو آهي، هو نه رڳو ڀارت کي اقليتن پر پاڙيسري ملڪن جي سلامتي جي لاءِ به سيڪيورٽي خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جا وسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو احترام نه ڪرڻ تي ڀارت جي مذمت ناڪافي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته جيڪڏهن ڪجهه باضمير ملڪن ۽ انساني حقن جي تنظيمن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارتي حڪمرانن پارا?? کنيل ??دمن جي خلاف آواز اٿاريو پر ڪجهه بااثر ملڪن جي خاموشي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڀارت جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته ڪشميرين جي غيراعلانيل گرفتارين ۽ قتلام ان ڳالهه جو وا??ح ثبوت آهي ته ڀارت پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته گڏيل ??ومون ۽ ٻيا بااثر ملڪ خاموشي ٽوڙين ۽ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارين ۽ انهن کي گڏيل ??ومن جي ذريعي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.
گڏيل قومون ڀارت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي جوابده بڻائي: محمد يوسف نقاش
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores