اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ بج??ي جي في يونٽ قيمت ۾ 0.571 رپيا اضافو، آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي ادائيگين جي مد ۾ 17 ارب رپيا ۽ وزيراعظم جي مددي پئڪيج تحت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ??ئي ڇڏي، اجلاس ۾ ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ فني/ ضمني مالياتي گرانٽس جي منظ??ري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ??ار?? وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ناڻي ??ار?? وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ ??ار?? وفاقي وزير طارق بشير چيما، واپار ??ار?? وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار ??ار?? وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي ??ار?? مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا، وفاقي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي ??ار?? وزارت پاران بج??ي جي شعبي لاءِ ٽيرف کي معقول بڻائڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽريسٽي پاليسي 2021ع موجب حڪومت ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين سرڪاري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي صارفين جي لاءِ هڪ جهڙو ٽيرف برقرار رکندي. انهي جي تسلسل ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف کي معقول بڻائڻ ضر??ري آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ٽن مهينن جي ريڪ??ري مدي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ في يونٽ 0.571 رپيا اضافي جي منظوري ??ئي ڇڏي. وڌيڪ اهو ته نيپرا آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021ع جي ته ماهي جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف شيڊيول جاري ??ندي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران حڪومتي ملڪيتي پاور پلانٽس کي ادائيگين بابت سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جاري مالي سال جي لاءِ ان ڏس ۾ 17 ارب رپيا جاري ??رڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي. هي فنڊز آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس (حويلي بهادر شاهه، بيڪي ۽ بلوڪي) کي ادا ڪيا ويندا ته جيئن انهن پاور پلانٽس کي ڪيش جي مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي. اجلاس ۾ توانائي ??ار?? وزارت (پاور ڊويزن) پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ ان جي مالي اثرن بابت هڪ سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي تفصيلي بحث کانپوءِ دستياب 36.94 ارب رپيا بطور ايڊوائيس سبسڊي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهي فنڊز سي پي اي – جي کي منتقل ٿيندا. اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم جي معاونتي پئڪيج تحت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظ??ري پڻ ڏني. هڪ سال تائين جي عمر جي ٻارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويڪسين جي قومي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي ڏس ۾ اي سي سي اميونائيزيشن بابت وفاقي ڊائريڪٽوريٽ جي لاءِ 6133.31 ملين رپيا فراهم ڪرڻ جي پڻ منظوري ??ني. اقتصادي رابطا ڪميٽي والاريل ڪشمير جي پناهگيرن جي آبادڪاري جي لاءِ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ??ار?? وزارت جي لاءِ 3096.05 ملين رپين جي منظوري ??ئي ڇڏي، اهي فنڊز آزاد ڪشمير کي منتقل ٿيندا. منسٽر انڪليو اسلام آباد ۾ تعمير ۽ مرمت جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت سمري ??ي اقتصادي رابطا ڪميٽي رد ڪري ??ڏيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت 19 – 2018ع ۾ منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرمت جي ڪمن تي 87.5 ملين رپيا، 20 – 2019ع ۾ 4.8 ملين رپيا ۽ 21 – 2020ع ۾ 50 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن. اي سي سي ڪفايت شعاري جي قدمن تحت منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرمت جي لاءِ فنڊز جاري ??رڻ بابت سمري رد ڪري ??ڏي. اجلاس ۾ گهرو وزارت جي لاءِ 5891.9 ملين رپيا، آءِ پي پيز کي ادائيگي جي لاءِ پاور ڊويزن کي 96.13 ارب رپيا، اين سي او سي جي تشهيري مهم جي لاءِ 40 ملين رپيا، ڪابينا ڊويزن جي لاءِ 125.8 ملين رپيا، پرڏيهي وزارت جي لاءِ 3750 ملين رپيا، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام ??ار?? وزارت جي لاءِ 379 ملين رپيا ۽ پاڪستان ريلوي جي لاءِ 5 ارب رپين جي ضمني ۽ فني ضمني گرانٽس جي پڻ منظوري ??ني وئي.
ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری