اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچ?? جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي، زمين کي ??چائڻ لاءِ زرخيز مٽيءَ جي حفاظت يقيني بڻائڻ، عالمي سطح تي تبديلي آڻ?? جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??احوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري بيان ۾ صدر چيو ته پاڪستان ??وسمياتي تبديلين جي لحاظ کان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين سان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام کي ??خت چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان تيزي سان ??گھڙجندڙ گليشيئرز، غيرمتوقع برساتن ۽ سوڪهڙي کان ??تاثر ٿيو آهي، نوجوانن کي ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ بابت تعليم ڏي?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، مون کي فخر آهي ته ايوان صدر آءِ ايس او کان تصديق ٿيل دنيا جي ماحول دوست صدارتي آفيسن ۾ پهرين پوزيشن تي آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي سان ??ه رڳو پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر قومي گرڊ ۾ به بجلي ڏي ٿو. هن چيو ته سمورن ادارن کي ??عوت ڏيان ??و ته اهي گرين پريزيڊنسي منصوبي مان سکن، توانائي جي بچت ڪن ته جيئن موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهجي.
موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا