اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان م??ڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان عمران خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، م??ڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ذميد??ر صرف عمران خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، هو هٿيارن جي زور تي اسلام آباد تي ق??ضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ