اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سان فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري ان??اف جي فراهمي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، ??وام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سان رجوع ڪن. هن چيو ته فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، ??وام کي سستو ۽ فوري ان??اف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آ??ي، فوري ۽ سستي ان??اف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري ان??اف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.
سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری