اسلام آباد – پهرين نومبر (??ي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزير??عظ?? عمران خان سان عقيل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزير??عظ?? عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچولي کان ڊگهي مدي وارن اقتصادي سڌارن طرف ڪاميابي سان گامزن آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي اقتصادي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وزير??عظ?? لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. عقيل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن ??دمن سان ملڪ جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.
وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا